ٽهليو ڀڳت

ٽهليو ڀڳت: ٽهليو ڀڳت 1890ع ۾ خيرپور ميرس ۾ ڄائو. اتي ئي ڳائڻ جي لنءُ لڳيس. آواز سنهو پر سريلو ۽ لچڪ وارو هوس. ذهن ڏاڍو تکوهوس، تنهن ڪري جلد ئي موسيقيءَ جي سڀني رمزن تي عبور حاصل ڪري ورتائين. ننڍي هوندي ٽنڊي جان محمد ۾ هڪ ڀڳت لڳي، جتي هن کي وڌيڪ شوق پيدا ٿيو. سندس شاگردن ۾ ٽاپو ۽ ڌرمون مشهور ڀڳت ٿي گذريا آهن، جيڪي آخر تائين ساڻس گڏ هئا ۽ جهيلي تي ڳائيندا هئا. سندس ڳالهه کڻڻ جو انداز انوکوهوندو هو. دودي چنيسرجي ڳالهه تي ته قدرت حاصل هوندي هئس. ڪڏهن ڪڏهن اها ڳالهه ٽي ٽي راتيون هلندي هئي. روپ- بسنت جي ڳالهه ڏاڍي چاهه سان کڻندو ۽ ڳائيندو هو. اتر سنڌ جو هي پهرين جوڙ جو ڀڳت ورهاڱي وقت هندوستان هليو ويو.


لفظ ٽهليو ڀڳتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1890.00.00  عيسوي

ٽهليو ڀڳت 1890ع ۾ خيرپور ميرس ۾ ڄائو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪلال
بقراط
دارا شاهه 1
راحيلا شر
چاچڙ حاجي شاهنواز خان
حشمتراءِ ڇٻلاڻي
امير پير
طارق بن زياد
پير مولانا نثار احمد سرهندي
ريڊڪلف اوارڊ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون